سڌور جو قبرستان

سڌور جو قبرستان:هي قبرستان ضلعي سکر جي تعلقي صالح پٽ کان 44 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف ديهه ڪارتر ۾ واقع آهي. هن قبرستان ۾ اهرامي نموني جون قبرون موجود آهن. هن قبرستان جي آسپاس چئنل نمبر 186 نارا ڪئنال، ڳوٺ غلام محمـد راڄـڙ ۽ ٻيا ڪيترا ڳوٺ موجود آهن. هن قبرستان جي اولهه ۾ جمن ڀنڀري جو ڳوٺ آهي ۽ قبرستان جي ڏکڻ طرف ڳوٺ جمعو راڄڙ آهي.
هي ماڳ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي آرڪيالاجي شعبي جي موجوده سربراهه، نامياري آرڪيالاجسٽ محترمه مستور بخاريءَ يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ٽيم سان گڏجي مختلف ماڳن جي کوجنا واري سفر دوران جنوري 2001ع ڌاري ڳولي لڌو هو.
هن قبرستان واري ايراضيءَ ۾ ڪوٽڏيجي ڪلچر کان وٺي تاريخ کان اوائلي دؤر جون رهتون ۽ وٿون مليون آهن، اهي پراڻيون رهتون واريءَ جي دڙن، ڀٽن، ٽڪرين جي لاهين ۽ دڙن جي صورت ۾ موجود آهن.
هن قبرستان ۾ 135 قبرون موجود آهن، جيڪي معلوم ٿئي ٿو ته هٿ جي ٺهيل سرن سان جوڙيون ويون آهن، پر قبرستان جي اوسي پاسي ۾ سرن پچائڻ واري ڪنهن به کوريءَ جا آثار نه مليا آهن. استعمال ۾ آيل سرون ساديون، سڌيون، وڏيون ۽ مستطيل شڪل جون آهن. اهي سرون هڪٻئي جي مٿان سٿي، اهرام جي شڪل ۾ قبرون ٺاهيون ويون آهن.
هن وقت هي قبرستان ماڻهن جي استعمال هيٺ نه آهي. هن قبرستان جون قبرون گھڻو ڪري چورس ٿلهي تي ٺهيل آهن، انهن قبرن مان هڪ قبر جي ٿلهي جي ڊيگھه اٽڪل 3.10 ميٽر آهي ۽ ان جي ويڪر 2.20 ميٽر آهي. اڪثر ٿلهن کي چئني ڪنڊن وٽان هڪ هڪ پيل پائو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي پاسن کان هڪ پيل پائو کٽ جي شڪل ۾ ٺهيل ملي ٿو. هر قبر هڪ ننڍڙي اهرام جهڙي لڳي ٿي، هڪڙيءَ قبر ۾ 60 سرن جا بار ڏنا ويا آهن. قبرن جي اوساري هيٺان ويڪري ۽ مٿان سوڙهي ڪري قبرن کي اهرام جي نموني ٺاهيو ويو آهي. ڪن قبرن جي مٿان پٿر ۽ ڪن قبرن جي مٿان ٺڪر جا يادگار ٺاهيا ويا آهن، جن تي خاص ڪري سنڌي آرٽ، جهڙوڪ: اجرڪ ۽ کيس وغيره چٽيل نظر اچن ٿا.
سنڌ ۾ لاڙ واري حصي ۾ پٿر جون قبرون ۽ ڪوهستان واري علائقي ۾ گول يا چڪليءَ واريون قبرون ۽ برفتن جون اهرامي طرز تي ٺهيل قبرون ملن ٿيون، پر هن قبرستان جون قبرون اڃا به مختلف نموني جون ٺهيل آهن، جيڪي سادي مٽيءَ مان هٿ جي ٺهيل سرن جون ٺهيل آهن، جن تي سج، چنڊ ۽ گل ٻوٽا چٽيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو